ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘

ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘: ڄيٺا لال ايسراڻي، 6 اپريل 1936ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، هن جون سنڌي گائڪ ۽ سنگيتڪار طور اڌ صديءَ کان مٿي خدمتون آهن، هن ڪيترا فلمي ۽ غير فلمي گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. ڀارت ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جهڙوڪ: ’لاڏلي‘، ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ وغيره ۾ گيت به ڳاتائين. سنڌي فلم ’لک لهي ٿي لوڏ‘ (جا رليز نه ٿي سگهي) ۾ پڻ هن گيت رڪارڊ ڪرايا هئا. سنگيتڪار جي حيثيت ۾ سنڌي فلم ’رات هڪ طوفان جي‘ کانسواءِ هندي ۽ پنجابي فلمن: ’ٻالڪ ڌرو‘، ’مايا مڇندر‘، ’ميران شام‘، (هندي) ۽ ’گورک ڌنڌا‘ (پنجابي) ۾ به سنگيت ڏنو آهي. فلم ’گموجا‘ لاءِ به مهيندر ڪپور سان گڏ گيت ڳايل اٿس. ملند ڪالوني بمبئيءَ ۾ رهائش هئس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.06  عيسوي

هن جون سنڌي گائڪ ۽ سنگيتڪار طور اڌ صديءَ کان مٿي خدمتون آهن، هن ڪيترا فلمي ۽ غير فلمي گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. ڀارت ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جهڙوڪ: ’لاڏلي‘، ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ وغيره ۾ گيت به ڳاتائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوڪرن
پاٽائي مخدوم عباس
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
ڄام ڀرمل- I
اجمل خان حڪيم
ربو شاهه
احمد فقير سمو
التتمش
آتم ڀڳت
راجا هرش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون